اسلام آباد – 08 – ??نو??ي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعو سازش آهي، هندستا?? پوري طرح پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيو آهي، اسان جي انٽيليجنس ادارن دهشتگردي جا چار وڏا منصوبا ناڪام بڻايا، هزاره برادري سان نائين اليون کانپوءِ تمام وڏو ظ??م ٿيو آهي، هزاره برادري مڇ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪر?? انهي ڏينهن انهن وٽ ڪوئيٽا ايندس، مڇ سانحي جي متاثرين جا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن، لاشن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد سان جوڙڻ جو شرط مناسب نه آهي، اهڙي طرح ڪر??شن ڪندڙ داڙيلن جو ٽولو به بليڪ ميل ڪندو، آءِ ٽي جي شعبي کي مراعتون ڏئي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ڪر?? سگهون ٿا. هو هتي انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪر?? رهيو هو.