اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري وارو حق ??اصل ٿيڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺ??، ڄمون قتل عام جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 6 نومبر ڄمون ۽ ڪسمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن سال پهرين، راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جي حامي ڊوگره فوج ۽ ڀارتي قابض فوج جنگ عظيم کانپوءِ پهرين و??ي نسل ڪشي ۾ ان خطي جي مسلمان آبادي کي اق??يت ۾ تبديل ڪرڻ جي غرض سان منظم طر??قي سان 237000 کان و??يڪ مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو هو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ يڪطرفو قدم به ڄمون جي قتل عام جو افسوسناڪ تسلسل آهي، ڇو ته ان جو مقصد به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڪثريت کي اق??يت ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سراسري خلاف ورزي آهي،