اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت ملڪي برآمدات وڌائڻ جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ روانگي واپار ??ندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جولاءِ ۾ سر پلس ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ روانگي واپار ۾ مسلسل واڌ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان جي معيشت درست ??خ ۾ گامزن آهي. اهن اهڙن خيالن جو اظهار مختلف شعبن سميت پولٽري، چانور، فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائيل جي و??ن روانگي واپار ??ندڙن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم خدمتن جي شعبي ۾ روانگي واپار بابت ملڪي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرور?? تي زورڏنو، هن ملڪي معيشت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ روانگي واپار جي ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو.