اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ماحول شناس هجڻ جي ناطي منهنجي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ ورثي ۾ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان ڇڏيو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ت?? بلوڪي، پنجاب ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي مهم (#10 Billion Tree Tsunami) تحت مافيا کان آزاد ڪر??يل زمين تي وڻڪاري جي هڪ سال کانپوءِ وڏي تبديلي نمايان آهي. وزيراعظم بلوڪي ۾ آزاد ڪر??يل زمين جي وڻڪاري کان اڳ ۽ هڪ سال کانپوءِ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ ??اض?? فرق ڏسي سگهجي ٿو ۽ اتي وڻڪاري جي نتيجي ۾ هاڻي مڪمل سرسبز آهي.