اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماس??ر پلان ??ي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ماهر ٽائون پلاننگ خيال زمان، نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين، هائوسنگ جي سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي?? جڏهن ته پنجاب جي چيف سيڪرٽري سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جا اعليٰ عملدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ??ي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماس??ر پلانز جو حاضر دور جي ضرورتن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ نئين سر جوڙڻ جي حوالي سان هيستائين جي ا??ڀر??ئي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.