اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جو مقصد تعميرات ۽ ترقي بابت سرگرمين جو فروغ خاص طور تي نئين پ??ڪس??ان هائوسنگ اسڪيم جي تحت معاشري جي گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ سستا گهر تعمير ڪرڻ آهي، نئون پ??ڪس??ان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ڪميٽي جو ??رب??اهه هوندو، وزيراعظم ميڊيا ونگ موجب ڪميٽي جو ??رب??اهه هفتي ۾ ٻه ڀيرا وزيراعظم کي اجلاس جي ڪارروائي جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندو.