اسلام آباد – 06 ??سم??ر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا ڪرپشن جو خاتمو آهي، ڪرپشن ڪنهن ??ه ص??رت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ان جي ڪري ملڪ ترقي ۽ خوشحالي کان محروم رهيو، سڄي ملڪ ۾ احتساب جو عمل بنا فرق ۽ بنا رڪاوٽ جاري رهندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي سربراهي ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ اتحادي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو.