اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) پلاننگ ڪميشن چيو آهي، ته عالمي برادري ط??فان پاڪستان کي 2022ع ??ي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي مد ۾ هلندڙ مالي سال دوران 75 ڪروڙ 93 لک 60 هزار ڊالرز ملندا. پلاننگ ڪميشن جي جاري انگن اک??ن مطابق هلندڙ مالي سال دوران ورلڊ بئنڪ کان 287 ملين ڊالرز، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ مان 249.18 ملين ڊالرز، اي آءِ آءِ بي اينڊ چائنه مان 6026 ملين ڊالرز، آءِ ايس ڊي بي مان 111.07 ملين ڊالرز، پئرس ڪلب کان 73.78 ملين ڊالرز، يو ايس اي/ يو ايس ايڊ مان 32 ملين ڊالرز ملندا. پلاننگ ڪميشن مطابق 2022ع ??ي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو هو. بحالي جي لاڳت 16.2 ارب ڊالرز جڏهن ته ان حوالي سان عالمي برادري ط??فان ڪيل واعدن جي ماليت 10.9 ارب ڊالرز آهي ۽ اهڙي ط??ح اڃا به 17.1 ارب جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پوسٽ ڊزاسٽر نيڊز اسيسمينٽ ڪاٿو لڳايو آهي ته مجموعي نقصان 14.9 بلين ڊالرز کان وڌي ويو آهي جڏهن ته معاشي نقصان 15.2 بلين ڊالرز تائين پهچي ويو آهي. ڪا??ي ۾ غذائي عدم تحفظ ۾ به نمايان اضافي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ماڻهن جو تعداد 70 لک کان وڌي 14.6 ملين ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته 2 ملين کان وڌيڪ هائوسنگ يونٽس کي نقصان پهتو، جن مان 780000 مڪمل طور تباهه ٿيا ۽ 1.2 ملين کان وڌيڪ کي جزوي نقصان پهتو. 2022ع ??ي ٻوڏ جي حوالي سان منصوبابندي واري وزارت پاڪستان حڪومت جي اسٽريٽجڪ پاليسي تيار ڪئي، جنهن کي پائيدار تعمير، متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير فريم ورڪ (4 آر ايف) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي فريم ورڪ ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، ملڪيتن، انفراسٽرڪچر، روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي ڪوششن جي رهنمائي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي.