اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نيشنل آرڪائيوز جو ادارو وڏي خزاني جو امين آهي جنهن تائين محققن، شاگردن ۽ عوام کي آسان پهچ فراهم ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه نيشنل آرڪائيوز جي دوري دوران چئي، صدر چيو ته ان ڊيٽا کي يونيورسٽين، تحقيقاتي ۽ حڪومتي ادارن سان ڳنڍيو وڃي، هن هد??يت ڪئي ته ڊج??ٽلائيزيشن جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.