لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان لاهور آفيس جو دورو ڪيو. اسٽيشن ڊائريڪٽر جاويد اختر ۽ ناليواري اداڪار خالد عباس ڊار وفاقي وز??ر جو استقبال ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر ريڊيو جي عمارت ۾ قديم ترين ورثي جون شيون ڏٺيون ۽ انهن جو جائزو ورتو ج??هن ته پراڻو پيانو وڄائي سڀني کي حيران ڪري ڇ??يو. وفاقي وز??ر ريڊيو آفيس جي مختلف حصن بشمول ميوزڪ لائبريري، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ن??وز اينڊ ڪرنٽ افيئرز چينل جو دورو ڪيو ۽ ن??وز اينڊ ڪرنٽ افيئرز لاهور ان سائيٽ پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو. هن ريڊيو اسٽاف جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ پراڻي مسئلن تي ٺوس بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جاويد اختر وفاقي وز??ر کي ريڊيو پاڪستان جي ڪم بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان لاهور جي لابي ۾ تاريخي گلوڪارن ۽ فنڪارن جون تصويرون پڻ لڳل آهن.