اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آ??ي، پاڪستان چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرو??و ۾ جيڪو نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڏنو هو، هن چيو ته پاڪستان يوڪرين سان ??وس جي جنگ تي ”غيرجانبدار“ آهي ۽ چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار طور ڏسي ٿو. هن چيو ته اها سرد جنگ نه آ??ي، هتي ڪو ”آئرن ڪرٽن“ نه آ??ي، اهو ايترو مبهم نه آ??ي، هر ڪو ڏسي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي راهه تي گامزن آهي جنهن جي چونڊ ا??لهه، روس ۽ چين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي کان ??چڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ??مريڪا ۽ چين جي وڌندڙ دشمني ۾ ڪنهن به ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي. هن چيو ته سوويت يونين جي خلاف ۽ نائين اليون کانپوءِ ٻيهر اولهه جو ساٿ ڏئي پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي. هن چيو ته گذريل 30 سالن ۾ پاڪستان ??ان ??ولهه غيرمنصفاڻو سلوڪ ڪيو آ??ي، هر قوم پنهنجي لاءِ… اسان کي ان مقابلي جو فڪر ڇو ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻن عظيم طاقتن، ٻن عظيم تهذيبن ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪن جي اثرن جي وچ ۾ آهي ۽ پاڪستان ??نهن ملڪن مان ??ڳو هڪ آ??ي، يوڪرين بابت پاڪستان ??ي ”غيرجانبدار“ موقف جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو بحران چئلينجز پيدا ڪري رهيو آهي ۽ گڏ ئي اهو خطي ۾ موقعا پڻ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسان ??ن کي ٻنهي طريقن سان ڏسي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم پاڪستان پاران يوڪرين ۾ جنگي سامان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ ۾ الزامن جي سختي سان ??رديد ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به قسم جو وڪرو نه ڪيو جيڪو سڌوسنئون يوڪرين يا ڪنهن به ٽئين ڌر جي ذريعي به ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي هجي. پاڪستان ??حريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري جي حوالي سان نگران وزيراعظم مبينا زيادتين جي ترديد ڪئي ۽ پاڪستان ??ي قدمن جي ڀيٽ 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي ڪيپيٽل تي حملو ڪندڙن جي آمريڪا ۾ گرفتارين سان ڪئي. هن چيو ته گرفتاريون غيرقانوني ڪاررواين تي ڪيون پيون وڃن، ڪو به اهڙو شخص جيڪو باهه لڳائڻ يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آ??ي، اهو ان قسم جو طرزعمل نه آهي جنهن کي ڪنهن به لبرل جمهوريت جي ذريعي فروغ ڏنو وڃي ٿو يا ان ??ي تائيد ٿئي ٿي، ته پوءِ پاڪستان کان ??ها اميد ڇو ڪئي پئي وڃي ته اسان ??هڙي طرح جي رويي کي معاف ڪريون؟.