اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گورننس ۾ به??ري جي لاءِ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي، بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ چئني صوبن ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي، جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ??رورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي ??والي سان ٿيندڙ اجلاس جي ??دارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گورننس جي ??والي سان پنهنجون ذميواريون ادا ??ري رهي آهي، ذخيره اندوزي، مهانگائي ۽ اسمگلنگ جي ??والي سان صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ??ڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ماڻهن ۾ اهو تاثر هو ته اها هڪ هفتي يا ڪجهه ڏينهن جي مهم آهي پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها هفتي ٻن هفتن جي ڳالهه نه آهي، پاڪستان جي ??قتصادي صحت جي ??والي سان قدم جاري رهندا. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ذخيره اندوزي، مهانگائي، پرڏيهي ناڻي ۽ بجلي جي ??والي سان جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ??رورت آهي. لاڳاپيل ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجو ڪم شروع ??ري ڇڏيو آهي، اڳ ۾ اها خبر ئي نه هئي ته هي ڪنهن جو ڪم آهي، ان رجحان کي بدلائڻ جي ??رورت آهي، بيوروڪريسي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪندا ۽ گورننس جي لاءِ جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، جيڪو هڪ بهترين ۽ منظم ادارو آهي، ان سان گڏوگڏ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو، جيڪو وقت جي ??رورت آهي، سول ادارن جي ??لاحيت ۾ اضافي سان انهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ۾ به??ري ايندي. نگران وزيراعظم ادارن کي پنهنجي ??پروچ بهتر بڻائڻ ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته چئني صوبن ۾ حڪومتي قدمن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز بهترين ڪم ??ري رهيا آهن، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي ??لاف خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بهترين قدم کنيا ويا آهن، آءِ بي جو ان حوالي سان تم??م اهم ڪردار آهي، هن گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي ??لاف ڪوششن کي ٺوس بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته ان حوالي سان گڏيل ڪوششن جي ??رورت آهي.