اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري اڳو??ي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اط??اع??ت واري وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پا??يسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن 9 آگسٽ تي پنهنج?? الوداعي اجلاس ۾ ميوزڪ پا??يسي جي منظوري ڏني. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اط??اع??ت واري اڳو??ي وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ پا??يسي جون نمايان خصوصيتون پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جو تحفظ، موسيقي جي موجوده منظرنامي جي ترويج ۽ ترقي ۽ قانوني فريم ورڪ جي ذريعي ميوزيڪل ورڪ جو تحفظ شامل آهي، جيڪو فنڪارن جي لاءِ استعمال ۾ آسان، لاڳو ڪرڻ ۾ جامع ۽ ٽيڪنيڪي ترقي موجب آڻڻ جي قابل آهي. مريم اورنگزيب انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ان تاريخي پا??يسي ۾ تعاون ڪيو، جن ۾ فنڪار، وڪيل ۽ اط??اع??ت واري وزارت جا عملدار شامل آهن. اڳو??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جا به ٿورا مڃيا جن ان پا??يسي جي منظوري ڏني ۽ ان کي حقيقت بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.