اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي ميڊيا جي وفد سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ مارگلا ريلوي اس??يش?? اسلام آباد جو دورو ڪيو، هي تقريب سي پيڪ منصوبن خاص طور تي گرين لائين ٽرين جي 10 سالا تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي. وفد ٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ جديد چيني ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي ساراهيو. ان موقعي تي پاڪستان ??يلوي پاران ٽرينن ۾ چين پاران فراهم ڪيل جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان وفد کي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستان ??يلوي پاران وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽرين ۾ ايئرڪنڊيشنڊ (اي سي)، بزنس ڪلاس جون ٻه بوگيون، پارلر جي هڪ ڪوچ، ٻه اي سي اسٽينڊرڊ ۽ اڪانومي ڪلاس جون ٻه بوگيون شامل آهن. هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وڌيڪ ماڻهو گرين لائين ٽرين جي بهتر معيار جي ڪري ان ??ي ??اه??ر ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر کي ترجيح ڏين ٿا، ٽرين جي وقت تي سختي سان پابندي ڪئي پئي وڃي.
ريلوي عملدارن پاران ٻڌايو ويو ته ريلوي واري وفاقي وزير پاڪستان ??يلوي کي گرين لائين ٽرين جي سفر جي وقت کي 23 ڪلاڪن کان گهٽ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي جنهن سان مسافرن جو پاڪستان ??يلوي تي اعتماد بحال ٿيندو. چيني ميڊيا جي وفد کي ٻڌايو ويو ته گرين لائين ٽرين ۾ بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ا??لي?? معيار جي کاڌي جي فراهمي ۽ ٽڪيٽ جي قيمت کي مناسب سطح تي رکڻ شامل آهي. ان کانسواءِ اي سي پارلر جي هر سيٽ تي هڪ جدا ايل سي ڊي هنئي ويندي ته جيئن مسافر هيڊ فون جي ذريعي پنهنجي پسنديده وڊيوز ۽ پروگرامن مان لطف اندوز ٿي سگهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرين نان ??سٽاپ آهي جيڪا ڪراچي ۽ ??اه??ر جي وچ ۾ رڳو خانيوال، بهاولپور، حيدرآباد ئي رڪي ٿي. هي ٽرين 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلڻ جي صلاحيت رکي ٿي، راولپنڊي کان ??اه??ر پهچڻ کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ 9 ڪوچز جو اضافو ڪيو وڃي ٿو جنهن کانپوءِ اها ٽرين 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي. وفد گرين لائين ٽرين جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ مسافرن جي لاءِ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان ??و اظهار ڪيو. ان کان ??ڳ پاڪستان ??يلوي پاران مارگلا ريلوي اس??يش?? اسلام آباد ۽ راولپنڊي ريلوي اس??يش?? تي چيني ميڊيا جي وفد جو استقبال ڪيو. ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ پاڪستان ??يلوي انعام الله وفد جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ??يلوي پاران يادگاري ??يل??ز پيش ڪيون ويون. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت پاڪستان ??يلوي جي مستقبل جي منصوبن کان پڻ وفد کي آگاهه ڪيو.