اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي واپارجي لاءِ 5 ارب ڊالر جو هدف مقرر ڪندي تعاو?? کي وڌائڻ جي لاءِ 5 سالا واپ??ري تعاون جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري پنهنجي ايراني هم م??صب حسين امير عبداللهيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 5 سالا واپ??ري تعاون جي منصوبي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ ايندر رڪاوٽ?? کي ختم ڪرڻ، آزاداڻي واپار جي معاهدي ??ي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته ايران سان ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، ايران سان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، ايراني هم م??صب سان مختلف معاملن تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معيشت، توانائي ۽ آرٽ ۾ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون غور هيٺ آهن، اسان 2023ع کان 2028ع تائين جي لاءِ گڏيل واپ??ري معاهدي ??ي حتمي شڪل ڏني آهي، معاهدي سان گڏيل واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌندو. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته مو?? کي يقين آهي ته اڄ جيڪي اسان قدم کڻي رهيا آهيون اُهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ ڊگهي مدي و??ري پائيدار اقتصادي حصيد??ري جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪندا. هن چيو ته ملاقات دوران انهن هن سال جي آخر تائين باقي 5 سرحدي منڊي?? کي فعال بڻائڻ کي ترجيح ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران موجوده معاهدن موجب سزا ماڻيندڙ سمورن قيدي?? کي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ايران ۾ قيد مُهاڻ?? کي آزاد ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عملدارن پاران انهن جي سامونڊي جهازن جي واپسي تي هنيل ڏنڊ معاف ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ڌريون ان مفاهمت کي تيزي سان عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ قيدين جي فهرست جي مٽاسٽا ڪنديون. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ڪشميري عوام جي جائز مقصد جي مضبوط ۽ مستقل حمايت تي ايراني قيادت جا ٿورا مڃيا. افغانستان جي صورتحال بابت ڌرين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو فعال تعاون ج??ري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ايراني هم م??صب سان ملاقات ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان درپيش چئلينجز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو تعاون ج??ري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سان سڄي يورپ ۾ اسلامو فوبڪ ڪاررواين ۽ واقعن جو هڪ سلسلو ج??ري آهي. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته ٻنهي ملڪن اهو طئي ڪيو آهي ته هڪ ٻئي سان قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته اسان جي سرحد تي امن ۽ سلامتي و??ري صورتحال قائم رهي. ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهان ان موقعي تي معيشت، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? کي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. حسين امير عبداللهيان چيو ته ٻئي ملڪ مُهاڻن جي آزادي ۽ انهن جي جهازن جي واپسي جي لاءِ فوري قدم کڻندا. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان ايران گئس پائيپ لائين جي مڪمل ٿيڻ تي زور ڏيندي چيو ته اهو منصوبو يقيني طور تي ٻنهي ملڪن جي قومي مفاد?? کي پورو ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته گئس پائيپ لائين منصوبو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ وڌيڪ سگهه چاهيون ٿا. هن چيو ته بارڊر تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ سان واپار ۾ آساني ٿي رهي آهي. ايراني پرڏيهي وزير باجوڙ ۾ تازي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ۽ ڏکويل خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به صورتحال جو اثر پاڙيسري ملڪن پاڪستان ۽ ايران تي پوندو تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ اها مذهبي ۽ انساني ذميو??ري هئي ته هو افغانستان جي ماڻهن جي مدد ڪري. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي موجودگي ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.