اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ بابت شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. هن اها هدايت قومي اسيمبلي ميمبر زهره ودود ف??طمي سان ملاقات دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زهره ودود ف??طمي کيس وزيراعظم جي بااختيار عورتن بابت خصوصي قدم جاري ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. زهره ودود ف??طمي وزيراعظم جي يوٿ پروگرام تحت پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپس، وظيفن، بنا وياج قرضن ۽ انٽر پرينيورشپ جا پروگرام جاري ڪرڻ تي پڻ مبارڪبا?? ڏني. زهره ودود ف??طمي وزيراعظم کي ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي (ايم ڊي ڪيٽ) شاگردن جي سمورن مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي.