اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ عيد ملن جي تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي ج?? ميمبرن ۽ زندگي ج?? مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ش??صي??ن ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ۽ سفارتڪارن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻطرفي دلچسپي ج?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي انڊونيشيا، جاپان، چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا سفارتڪار موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دوست ملڪن سان گڏيل فائدي ج?? لاءِ ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. هن سفارتڪارن تي زور ڏنو ته اهي موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان سان ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. بعد ۾ سول سوسائٽي ج?? ميمبرن صدر سان انهن قدمن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي ج??ڪي مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ تي صدارتي قدمن تحت مختلف ڪمپيوٽر ڪورسز جي ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن جي حوصلا افزائي ج?? لاءِ کڻي سگهجن ٿا. صدر سينيئر بيوروڪريٽس ۽ زندگي ج?? مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان پڻ ملاقات ڪئي.