اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خ??اف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خ??تم?? لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻو??هه ڪندي ڪيو. صدر 8 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ فضل جانان جي وارثن سان رابطو ڪيو. هن 8 اپريل تي خيبر باڙه ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ نذيرالله محسود ۽ نائب صوبيدار حضرت گل جي پونئيرن سان پڻ فون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 5 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي حامد رسول جي ڀاءُ سان پڻ فون تي ڳالهه ٻو??هه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي دهشتگردن جي خ??اف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خ??تم?? لاءِ متحد آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خ??اف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.