اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي وقتي ناظم الامور پانگ چنشو پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري ٽوئيٽ موجب پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته 2023ع ۾ اعليٰ سطح جي رابطن ۾ اضافي سان ??دا بهار حصيداري جي سٺي شروعات ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان چين سان هر سطح تي تعاون وڌائڻ ??ي لاءِ تيار آهي. هن اقتصادي ترقي ۽ استحڪام ??ي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو آهي.