اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتڪارن، سرنديءَ وارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ??رڪ??ه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ??رڪ??ه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ??رڪ??ه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم پاڪستان جي سرنديءَ وارن ماڻهن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي وزيراعظم ??رڪ??ه ۽ شام بابت زلزلي متاثرين فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي شيون اين ڊي ايم اي کي ڪليڪشن سينٽر تي جمع ڪرائي سگهي ٿي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان ??رڪ??ه جهڙي پنهنجي پراڻي دوست سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ??رڪ??ه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي امدادي ڪاررواين کي منظم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ويندي. منصوبابندي واري وفاقي وزير ا??سن اقبال جي سربراهي ۾ ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪميٽي جا ميمبر هوندا. تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ پاڪستان جا ??رڪ??ه ۽ شام ۾ سفير ۽ خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي به ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس، امدادي سامان جي ??رڪ??ه ۽ شام ترجيحي بنيادن تي پهچ کي يقيني بڻائي. پاڪستان مان ??رڪ??ه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ زميني، فضائي ۽ سامونڊي رستن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويندو. اين ڊي ايم اي هنگامي بنيادن تي پاڪستان جي هر ضلعي ۾ ??رڪ??ه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امداد گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪليڪشن سينٽر ٺاهي. اين ڊي ايم اي سمورين صوبائي حڪومتن کان امدادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائي. يقيني بڻايو وڃي ته ??رڪ??ه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليل ساما?? معياري هجي، ڪمبل، گرم ڪپڙا، ٻارن جي خوراڪ ۽ خيمن جو فوري بندوبست ڪيو وڃي. ??رڪ??ه 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪئي. محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي امداد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو. پاڪستان امدادي سامان موڪلڻ جي لاءِ ايئر ڪوريڊور قائم ڪري ڇڏيو آهي. جلد پاڪستان مان امدادي سامان جي ٽرڪن جو قافلو به ??رڪ??ه ۽ شام روانو ٿيندو. پاڪستان پاران 30 بسترن تي ٻڌل موبائيل اسپتال لاءِ ٽيم ۽ سامان به ??رڪ??ه پهچي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ٻي موبائيل اسپتال به عملي ۽ سامان سميت رواني ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ??رڪ??ه جي زلزلي متاثرين جو آواز پاڪستان تائين پهچائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سندس ٽيم ۽ پاڪستاني ميڊيا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پاڪستان ايئر فورس، پي آءِ اي ۽ اين ڊي ايم اي جي ان آپريشن ۾ ڀرپور شموليت به ساراهه جوڳي آهي. پاڪستان جون ريسڪيو ٽيمون ۽ پاڪ فوج جون ٽيمون به ??رڪ??ه ۾ بهترين طريقي سان امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. سڄي پاڪستاني قوم کي اپيل آهي ته ??رڪ??ه ۽ شام ۾ جيتري قدر ٿي سگهي پنهنجي مسلمان ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪن. اجلاس کي ??رڪ??ه ۾ پاڪستان جي سفير زلزلي سان تباهي جي ??نگ?? اکرن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان جي امدادي ڪوششن ۾ بهتر ڪردار کي ساراهيندي کيس هدايت ڪئي ته هو ترڪ حڪومت ۽ پاڪستاني ادارن جي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پاران نه رڳو امدادي سامان ۽ ريسڪيو ٽيمون هن وقت ??رڪ??ه ۽ شام پهچي چڪيون آهن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هٿ ونڊرائي رهيون آهن. جڏهن ته پي آءِ اي مسلسل اڏامن ذريعي لاهور ۽ اسلام آباد کان ??رڪ??ه ۽ شام سامان جي پهچ يقيني بڻائي رهيو آهي. ٻئي طرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽرڪن جو قافلو ايران ذريعي امدادي سامان کڻي ??رڪ??ه ۽ شام روانو ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ ملڪ گير آگاهي مهم جاري آهي. وزيراعظم جي زلزلي متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل فنڊ جي اڪائونٽ نمبر G-12166 ۾ امدادي رقم جمع ڪرائي سگهجي. جڏهن ته ٻئي امدادي سامان جو عطيو اين ڊيم اي اي جي ڪنهن به ڪليڪشن سينٽر ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ 13 ڪليڪشن سينٽر ٺاهي چڪو آهي. جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي ان ڪليڪشن سينٽر کي هر ضلعي ۾ توسيع ڏني پئي وڃي. گهربل امدادي سامان ۾ سرديءَ جي موسم جي لحاظ کان تينٽ، گرم ڪپڙا، ڪمبل، جوراب، ٻارن جي تيار خوراڪ وغيره شامل آهي. اجلاس کي پاڪستان پاران موڪليل ريسڪيو ٽيمن، امدادي سامان ۽ 30 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي موجوده ڪارڪردگي کان به آگاهه ڪيو آهي. زخمين جي علاج جي لاءِ پاڪستان پاران وڌيڪ هڪ هڪ موبائيل اسپتال ??رڪ??ه ۽ شام رواني ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، ا??سن اقبال، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ??رڪ??ه م پاڪستان جي سفير کانسواءِ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.