اسلام آباد ??? 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ور??ين ۽ ڪڌي ڏوهن کي هر فورم تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستان ڪش??يري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جاري رکندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن محمود احمد ساگر جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي صدر ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان جي عوام پنهنجي ڪش??يري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان ڪش??يري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي هر ممڪن اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. صدر ان ڳالهه تي ??وش??ي وڌي ته ڀارت مختلف قدمن ذريعي والاريل خطي ۾ آبادياتي تبديلين جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ غيرڪشميرين کي آباد ڪرڻ جي لاءِ 4.5 ملين کان وڌيڪ ڊوميسائيل جاري ڪري چڪو آهي جڏهن ته ڪش??يرين جي زمين کي غيرڪشميرين کي وڪرو ڪري رهيو آهي. هن انهن ڪاررواين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. صدر چيو ته ڀارت مسلمانن جي نسل ڪش??ءَ ۾ ملوث آهي، جينوسائيڊ واچ موجب والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير نسل ڪش?? جي ڪناري تي آهي. هن گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس جي انهن رپورٽس جو پڻ حوالو ڏنو جن ۾ والاريل خطي ۾ انساني حقن جي خلاف ور??ين جي جاچ جي لاءِ ڪميشن آف انڪوائري قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي لاءِ جوابده بڻائي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪش??ير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي اڃا تائين عملدرآمد ناهي ڪيو ويو جڏهن ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جي سڀ کان پراڻيون قراردادون آهن. ان موقعي تي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي حريت قيادت صدر کي واديءَ جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هنن ٻڌايو ته ڀارتي قابض فوج ??ي هٿان هيستائين 6 لک ڪش??يري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هزارين گهر ساڙي تباهه ڪيا ويا آهن، والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير کي 9 لک ڀارتي قابض فوج ??ي هٿان يرغمال بڻائي رکيو آهي جن ڪش??يري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين تي بي مثال فوجي گهيراءُ ۽ پابنديون هڻي رکيون آهن. ڪش??يري قيادت کي جيلن ۾ وڌو ويو آهي، عدالت کان مٿانهين قتل، ڏاڍ سان گرفتارين ۽ ڪش??يري نوجوانن تي تشدد هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪش??يرين جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي نقصان پهچائي رهيو آهي پر هو ڪش??يري عوام کي دٻائڻ جي پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو.