اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سريلنڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڌ کان وڌ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، جن کي گڏيل فائدي جي ??اء?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن وقت سريلنڪا جا 20 سينيئر سول سرونٽس اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ريليشنز، پيس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، پبلڪ پاليسي ليڊرشپ ۽ مئنيجمينٽ بابت ٻن هفتن جي تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر بيوروڪريسي تي زور ڏنو ته اهي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، نظام جي ڪارڪردگي بهتر ??ڻا??ڻ ۽ تيز رفتار ترقي کي يقيني ??ڻا??ڻ جي ??اء?? قدم کڻڻ تي ڌيان ڏين. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي ??اء?? تيز فيصلا ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته بيورڪريٽس ۽ سياستدانن کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ??اء?? فڪري رستا ٺاهڻ جي ??اء?? وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ??ه فڪري برتري قومن کي عظيم ??ڻا??يندي آهي. رياستن کي علمي معيشتن کي ترقي ڏيڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏئي ۽ سازگار ڪاروباري پاليسيون اختيار ڪري تيز رفتار اقتصادي ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا. صدر اسرندڙ ملڪن بابت اهڙن مالي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي ??اء?? مالي طور تي وڌيڪ نظم ۽ ضبط اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي به روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته خراب معاشي فيصلن جو خميازو اڪيلي عام ماڻهو تي نه ٿو وجهي سگهجي ۽ اشرافيه کي به ملڪ جي بهتري ??اء?? بار ورهائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ??ه فيصلاسازن ۽ بيوروڪريسي کي ماڻهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد جي ??اء?? پنهنجا رويا ۽ ذهنيت تبديل ڪرڻي پوندي. علائقائي تعاون بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي صدر ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سان خطي جي ماڻهن ۾ وڌيڪ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته اسرندڙ ملڪن کي عالمي پولرائيزي??ن کان پري رهڻ گهرجي ۽ خواندگي، صحت، موسمياتي تبديلين، گلوبل وارمنگ ۽ علائقائي تعاون کي بهتر ??ڻا??ڻ جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٽريننگ ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن جي سول سرونٽس کي تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ??اء?? هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪوش??ن کي ساراهيو. سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس هن وقت هڪ ايگزيڪيوٽو ٽريننگ پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سول سرونٽس ۽ اڪيڊمين جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سول سرونٽس کي جديد علم ۽ ٽيڪنڪ فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني ??ڻا??ي سگهجي.