اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل ??رب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط ک??ن مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم پاڪستان جي سمورن لاڳاپيل ??دارن جي مڪمل تياري سان يو اي اي جي دوري تي وڃي رهيو آه??. و??يراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئ??. و??يراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل ??رب امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرج??. و??يراعظم گڏيل ??رب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. دوري دوران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ وزيراعظم اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سيڙپڪارن س??ن ملاقاتون ڪندو.