اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ چين عوامي مفاد جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها ر??بطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چين سان ويجهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ چين جي بنيادي مفادن جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو آهي جڏهن ته چيني وزيراعظم چيو آهي ته چين سدائين پا??ست??ن سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ حصيداري جي بهترين روايتن کي نظر ۾ رکندي گرمجوشي ۽ دوستي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيني وزيراعظم هڪ ٻئي کي نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته 2022ع ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تي پهچي ويا هئا. ٻنهي اڳواڻن 2023ع ۾ ٻطرفي تعاون جي مستحڪم رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري ۽ چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته چين سان ويجهن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پا??ست??ن پرعزم آهي ۽ پا??ست??ن چين جي بنيادي مفادن تي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن کي وقت سر م??مل ڪرڻ تي پا??ست??ن جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيني وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پا??ست??ن چيني سيڙپڪارن جي لاءِ م??مل طور تي محفوظ ۽ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪندو. وزيراعظم لي ڪي چيانگ وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته چين پا??ست??ن کي نه رڳو هڪ تزويراتي دوست پر هڪ اهڙي ملڪ طور ڏسي ٿو جنهن جو استحڪام ۽ معاشي ڀلائي خطي ۽ چين جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. چيني وزيراعظم چيو ته چين سدائين پڪاستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چين جي وزيراعظم کي پا??ست??ن ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چين جي فوري ۽ فراخدلاڻي مدد تي پا??ست??ن پاران دل سان ٿورا مڃيا. چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ وزيراعظم ??هب??ز شريف کي چين پاران پا??ست??ن جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۽ ڪانفرنس جي ڪاميابي جي لاءِ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻنهي اڳواڻن 2023ع ۽ ان کانپوءِ پا??ست??ن ۽ چين جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها ر??بطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.