اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 6 ??وليس اهلڪار شهيد ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم ملڪ تي جانيون قربان ڪندڙ فرزندن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن ۽ سمورا پاڪستاي دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار ثابت ٿيندا. پول??س دهشتگردي جي خلاف هر اول دستي جو قابل فخر ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان ??مدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت شهيدن کي اعزاز ۽ شهداءِ پئڪيج ڏي.