لاهور – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته اڄ جي دنيا ۾ علم تي ٻڌل معيشت ترقي جي چاٻي آهي، غربت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي تعليم ۽ علم کي فروغ ڏيڻو پوندو، نوجوان نسل اسان جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوان ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا، فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ذميواري آهي ته ملڪي ترقي جي لاءِ عملي ميدان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن من??اج يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت دوران خطاب ڪندي ڪيو. صدر ??يو ته ماڊرن ايجوڪيشن جي فروغ ۽ ترقي جي لاءِ شيخ الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر طاهرالقادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، معياري تعليم ۽ تربيت جي فراهمي ۽ تحقيق جي فروغ جي ڪري من??اج يونيورسٽي نجي تعليمي شعبي ۾ هڪ بهترين اضافو ??هي. هن ??يو ته اسان کي اسلامي قدرن جي روشني ۾ سماجي معيار ۽ مع??شر?? کي تبديل ڪرڻو ??هي. شاگردن کي مخاطب ڪندي صدر ??يو ته اها توهان جي ذميواري آهي ته پاڪستاني مع??شر?? کي مڪمل ڪرڻو آهي ۽ توهان جون ڊگريون به ان جي گهر ڪن ٿيون، انهي لاءِ توهان کي من??اج يونيورسٽي ۾ سٺي تعليم ۽ تربيت ڏني وئي آهي، توهان کي محنت، ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڪم ڪرڻ گهرجي، اهو ئي علامه اقبال جو پيغام به ??هي. هن ??يو ته هن وقت ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، مون سمورن عالم سڳورن ۽ تعليم واري وزارت جي ماڻهن کي گڏ ويهارڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن آئوٽ آف اسڪول ٻارن کي تعليمي سرڪل ۾ آڻي سگهجي، عالم سڳورن ??يو ته فجر کان ظهر تائين اسان وٽ جڳهه موجود آهي، اتي ٻارن کي پڙهائي به سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ توهان جڏهن مع??شر?? ۾ پنهنجي روزگار جي لاءِ ويندا ته توهان پنهنجي تعليم کي ماڻهن جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ ۾ استعمال ڪريو، مع??شر?? ۾ مثبت ۽ اصلاحي قدمن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ته جيئن اسان هڪ ڪامياب مع??شر?? جوڙي سگهون. صدر ??يو ته من??اج يونيورسٽي ۾ 50 سيڪڙو شاگردياڻين جو پڙهڻ تمام خوشي جي ڳالهه آهي ان سان مع??شر?? ترقي طرف گامزن ٿيندو. صدر وڌيڪ ??يو ته نوجوان نسل اسان جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوان ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا. ان کان اڳ من??اج يونيورسٽي جي ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر حسين محي الدين آجياڻي وارو خطاب ڪيو ۽ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. شيخ الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر طاهرالقادري ڪانووڪيشن تقريب ۾ وڊيو لنڪ خطاب ڪندي ??يو ته ترقي ۽ خوشحالي جي چاٻي تعليم يافته باڪردار نوجوانن جي هٿ ۾ آهي، تربيت کانسواءِ تعليم بي فائده آهي، نوجوان تعليم ۽ تحقيق سان مضبوط رشتو قائم ڪن ۽ ڪردار کي شفاف رکن. ڪانووڪيشن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان، پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري عنايت الله، بي او جي من??اج يونيورسٽي جي ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر حسين محي الدين قادري، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ساجد محمود شهزاد، ڪانووڪيشن ۾ ناظم اعليٰ من??اج القرآن انٽرنيشنل خرم نواز گنڊاپور، واپاري اڳواڻن، بابر جاويد بٽ، طارق نثار سميت مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن کانسواءِ من??اج يونيورسٽي جي ڊينز، ايڇ او ڊيز ۽ پوزيشن هولڊرز شاگردن ۽ والدين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. بعد ۾ سالياني ڪانووڪيشن ۾ 1562 گريجوئيٽس ۾ ڊگريون ۽ اعليٰ ڪارڪردگي تي ميڊلز ورهايا ويا.