اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن وڏي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ آبادگارن جي روزگار جي بحالي لاءِ خصوصي پئڪيج تيار ڪرايو. وزيراعظم جي هدايت تي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ناڻي واري ??زارت جي مشاورت سان آبادگار پئڪيج تيار ڪيو ويو. آبادگارن جي لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي مفت فراهمي جو وڏو پروگرا?? به شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيندو. ڀاڻ (ڊي اي پي) جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ يوريا جي وڏي مقدار ۾ ملڪ ۾ دستيابي جي قدمن جو اعلان به پئڪيج ۾ شامل آهي. ٽي??ب ويلز کي شمسي توانائي سان هلائڻ جي وڏي پروگرام جي شروعات، بجلي جي بل?? ۾ ??سطون به پئڪيج جو حصو آهن.