برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس جرمن پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪاف?? مثبت رهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بشمول پاڪستان ۾ ٻوڏ صورتحال، ماحولياتي پاڻڀرائپ ۾ تعاون، ماهر افرادي قوت جي مٽاسٽا ۽ تربيت، ماحول د??ست توانائي ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته اسان خصوصي طور تي جرمن حڪومت جي فراهم ڪيل امداد ج?? ٿورائتا آهيون خاص طور تي اڄ جي 10 ملين يورو جي ا??افي امداد سان جرمني پاران ڏني ويندڙ مجموعي امداد 60 ملين يورو تائين پهچي وئي آهي.