اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ??لڪ?? پاران پاڪستاني عوام جي اڻ??ڪ يڪجهتي جو اظهار انتهائي خوش آئنده آهي، اها حمايت تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مثالي ۽ متحد ڪوشش آهي، عالمي موسمياتي ت??دي??يون هن ڪره ارض ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ايشيا پيسفڪ ??لڪ?? پاران پاڪستاني عوام جي اڻ??ڪ يڪجهتي جو اظهار انتهائي خوش آئنده آهي. قرارداد ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي حالت ۽ اسرندڙ ??لڪ?? جي ڪمزور معيشتن تي موسمياتي ت??دي??ين جي نتيجن کي اجاگر ڪيو ويندو. سيمينار ۾ شريڪ ??لڪ?? پاران پاڪستان جي عوام سان اڻ??ڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ساراهه جوڳو آهي. اها حمايت تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مثالي ۽ متحد ڪوشش آهي. هن چيو ته عالمي موسمياتي ت??دي??يون ڌرتيءَ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهن. هن چيو ته ايس ڊي جيز جي لاڳو جي حمايت ۽ نگراني پارليامينٽ ميمبرن جي اهم ذميواري آهي. پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجي آئيني ذميواري کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ايس ڊي جيز جي پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي هن سياري کي هڪ محفوظ جڳهه ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ??لڪ?? جي پارليامينٽن کي ٽئين آءِ پي يو علائقائي سيمينار جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته آءِ پي يو جي صدر دارتي پچيڪو ۽ آءِ پي يو جي عملي جو پاڪستان جي قو??ي اسيمبلي سان مسلسل ويجهي تعاون تي ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته ڪنوينر ايس ڊي جيز رومينه خورشيد عالم سيمينار جي شريڪ ٿيندڙن جو ڌيان تباهه ٿيندڙ ٻوڏ طرف ڇڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته تازي ٻوڏ ۾ ملڪ جو ڀاڱي چوٿون حصو ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سان شروعاتي معاشي نقصان جو ڪاٿو 10 بلين ڊالر کان وڌيڪ آهي. ٻوڏ سان شديد متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ خوراڪ جي عدم تحفظ ۽ غذائيت جي گهٽتائي اڳ ۾ ئي نازڪ سطح تي هئي. هن چيو ته پاڪستان 1954ع کان هيستائين عالمي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي اخراج ۾ رڳو 0.4 سيڪڙو حصو وڌو آهي. پاڪستان موسمياتي ت??دي??ين جي وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن ??لڪ?? سان روانڊا ۾ آءِ پي يو جي ايندڙ جنرل اسيمبلي ۾ هنگامي قرارداد پيش ڪري روانڊا ۾ پيش ٿيندڙ قرارداد پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر عوام جي خراب حالت ۽ موسمياتي ت??دي??ين جي نتيجن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.