اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي اڄ ثمرقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان مل??قات ڪندو، ان کانپوءِ و??يراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان مل??قات ڪندو. مل??قات کانپوءِ و??يراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر ويندو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن کي خطاب پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم جو مارٽ توڪايوف سان مل??قات ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي پڄاڻي کان اڳ امام بخاري جي مزار تي حاضري پڻ ڀر??ند??.