اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي ٻوڏ متاثرن جي مثالي حمايت ??ي ٿورو مڃيندي چيو آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهن. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏ??ڻ لاءِ عالمي سه??ار جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش طرفان ٻوڏ متاثرنجي مثالي حمايت ??ي سندس ٿورو مڃيون ٿا، سندس ٻن ڏ??نهن وارو اهو دورو ان انساني سانحي بابت سڄي دنيا ۾ آگاهي ڦهلائڻ لاءِ نهايت ??هم رهيو. سندس همدردي ۽ قائداڻين خصوصيتن مونکي متاثر ڪيو. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏ??ڻ لاءِ عالمي سه??ار جي ضرورت آهي. هن چيو ته شديد گرمي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪيمپس جي دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڏسي حيران رهجي ويو. هو ٻوڏ متاثر جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهي. دنيا کي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان سندس ڳالهه ٻولهه تي ڌيان ڏ??ڻ گهرجي.