اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي خ??وصي هد??يت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي ??ني??دن تي جاري آهي، مٽه سوات ٽرانسميشن لائين جي ٻوڏ سبب ڪري پوندڙ 2 ٽاورز کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي، پشاور ال??ڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 132 ڪي وي مٽه گرڊ اسٽيشن فعال ٿيڻ سان سوات جي هڪ وڏي حصي جي بجلي جي سپلائي بحال ڪئي وئي آهي. ٽرائبل ايرياز ال??ڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ٽانڪ جنڊولا سپلائي لائين بحال ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تيمر گره باجوڙ لائينز بحال ٿيڻ کانپوءِ منڊا ۽ باجوڙ گرڊز مان بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. مدين گرڊ اسٽيشن تي بحالي جو ڪم جاري آهي. 66 ڪي وي جي ڳڙهي خيرو گرڊ اسٽيشن فعال ٿيڻ سان جيڪب آباد جي وڏي حصي کي بجلي جي فراهمي بحال ٿي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي سپلائي جي بحالي جي عمل کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان ان کي روزاني جي ??ني??د تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.