اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو ڪ??ڙو ۽ منافق چهرو عوام سڃاڻي ٿي، ٻاهرئين سازش جو بيانيو دفن ٿيڻ کانپوءِ 25 مئي جو ڀڳوڙو هاڻي پنهنجي ڏنل مهانگائي تي ??تن?? فساد پکيڙڻ ??اهي ٿو، عوام ملڪي مفاد کي ڪجهه هيرن جي عيوض وڪرو ڪندڙن جي ڪال تي ڇو نڪري؟ عمران خان جي احتجاج جي ڪال تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام ڪوڙي، ??تن??، منافق ۽ چور جي ڪال تي ڇو نڪري؟ عوام چار سا?? مزدور جي مزدوري ۽ عوام جي روزي کائيندڙ جي ڪال تي ڇو نڪري؟ مهانگائي، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جي ذميوارن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ چار سا?? مهانگائي جو طوفان برپا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ اقتدار ۾ آءِ ايم ايف سا?? ڪمزور معاهدو ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ اٽو 35 مان 90 رپيا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ کنڊ 52 مان 120 رپيا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ عوام خوني مارچ جي ڪال ڏيندڙن سا?? گڏ ڇو نڪري؟ عوام پوليس وارن کي گوليون هڻندڙن سا?? گڏ ڇو نڪري؟ عوام ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن سا?? گڏ ڇو نڪري؟ چار سا?? ملڪ جا مفاد هيري جي مُنڊين جي عيوض وڪرو ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ عوام ملڪ کي تاريخي مقروض ڪندڙن سا?? گڏ ڇو نڪري؟ عوام ڪشمير فروشن سا?? گڏ ڇو نڪري؟ عوام ملڪ کي ورڇ ڪندڙن سا?? گڏ ڇو نڪري؟ هن چيو ته حڪومت ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪري رهي آهي ڪنهن خوني ۽ فسادي احتجاج جي اجازت نه هوندي.