اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قو?? کي فيٽف جون شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پاڪستان“ کي مبارڪباد هجي جنهن پاڪستان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي قو??ي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ??ريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به م??ارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪ، پاڪستان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کا??پوءِ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو، گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قو??ي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قو?? کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.