اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راج?? پرويز اشرف چيو آهي ته معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ لاءِ ضرورتمندن جي مدد سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو، اخوت فائونڊيشن جي بنا وياج قرض واري سروس خاص طور تي ضرروتمند عورتن لاءِ واکاڻ جوڳي ۽ حوصلي واري آهي، عوام کي درپيش معاشي چئلينجز لاءِ اخوت فائونڊيشن جي تعاون جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ اخوت فائونڊيشن جي باني ۽ چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسپيڪر راج?? پرويز اشرف صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ اخوت ج?? منصوبن کي ساراهيندي انهن شعبن ۾ اخوت ج?? دلچسپي کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اخوت گوجر خان ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائيندو ڇو ته گوجر خان ۾ تقريبن پنج هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو اخوت ج?? تعاون مان مستفيد ٿيا آهن، ه?? ايندڙ هفتي گوجر خان ۾ اخوت ج?? سيمينار ۾ شرڪت تي به آمادگي ظاهر ڪئي، اخوت فائونڊيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب اسپيڪر کي ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن جي اسڪيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته اخوت پنهنجي خدمتن ۾ صحت، تعليم جي شعبي جو به آغاز ڪيو آهي، ه?? چيو ته تازو ئي اخوت چڪوال ۾ يونيورسٽي جو آغاز ڪيو آهي، ه?? اسپيڪر راج?? پرويز اشرف کي چڪوال يونيورسٽي ۾ مدعو ڪيو. هن اسپيڪر کي اخوت ج?? نوجوانن کي آن لائن ڪاروبار جهڙوڪ ايميزون وغيره جي تربيت ڏيڻ جي نون منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.