اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف کنڊ جي روانگي واپار تي پابن??ي لاڳو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شر??ف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار تي پابن??ي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسمگلنگ جي خ??اف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل اد??رن کي پنهنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميدار هوندو.