جده – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري جي ٻئي ڏينهن مدينه منوره کان جده پهچي ويو. مڪه جي گورنر خالد بن فيصل السعود ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مسعد بن محمد العيبان هوائي اڏي تي وزيرا??ظم جو استقبال ڪيو. وزيرا??ظم مدينه منوره ۾ قيام دورن ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاضري ڏني، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيرا??ظم سان وفد ۾ شامل آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيرا??ظم جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي، دوري دوران وزيرا??ظم ولي ??هد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي، واپاري ۽ رابطن کي واڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان موقعي تي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ جڙيل آه?? جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستا?? جي عوام حرمين شريفي?? جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سعودي عرب جي ولي ??هد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينه?? جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي.