??سل??م آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي ??افلي تي دهشتگردن جي حملي جي ??ذمت ڪئي آهي ۽ واقعي ۾ 7 فوجين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جو پاڪستاني فوج جي ??افلي تي حملو مذمت جوڳو آهي، اهڙا واقعا امن جي ??اءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته حوالدار طارق يوسف، سپاهي سليمان وقاص، سپاهي جنيد علي، سپاهي اعج??ز حسين، سپاهي وقار احمد، سپاهي محمد جواد امير ۽ سپاهي ارشد علي شهادت ماڻي. ملڪ ۽ قوم جي ??اءِ انهن جي ??ربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي ??رزندن کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي ??اءِ صبر جميل جي ??اءِ دعاڳو آهيون.