اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. ا??لا??ات واري وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي ا??لا??ات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزير جي شاندار آجيان ڪئي، کي?? وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. مريم ا??رنگزيب ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز، تنظيمن ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. وفاقي وزير پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي فعال بڻايو ويندو ۽ رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڊرامي ۽ فلم ا??ڊسٽري جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ اي پي پي سميت وزارت جي سمورن اهم ادارن تي هن وقت ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ عوام کي صحيح معلومات جي فراهمي جي لاءِ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، ا??لا??ات واري وزارت جي عوام کي ٺوس معلومات ۽ خبرن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ا??لا??ات واري وزارت جا سمورا ادارا عوامي مفاد جي ڏس ۾ پيشيواراڻي معاملن کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا. سندس چوڻ هو ته ا??لا??ات واري وزارت ۽ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ رابطن جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي ا??لا??ات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ اي پي پي جي ايم ڊي سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.