اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ آزاد، خودمختيار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، (ن) ليگ وارن ??ان همدردي آهي، پيءُ (شهباز شريف) ملڪ جو وزيراعظم ۽ پٽ (حمزه شهباز) وڏي وزير بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن، انهن ماڻهن ۾ ڪو شرم نه آهي، اهي پنهنجو پاڻ کي مغ??يه فيملي سمجهن ٿا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام انهن ماڻهن ??ان نفرت ڪري ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن شيروانيون سبرايون آهن پر انهن کي پاجاما نه ملي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري سرور سٺو ماڻهو آهي، ا??ان ان جو احترام ڪريون ٿا، چوڌري سرور جي پرويز الاهي ??ان نه ٺهي رهي آهي، ان ??اءِ هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته عمر سرفراز چيما کي نئون پنجاب جو گورنر بڻايو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ آزاد، خودمختار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۽ پاڪستان جي قوم کي عزت ڏيو جڏهن ته ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته ا??ان ڀڪاري آهيون ۽ ڊرپن تي لڳل آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ا??ان کي جهڙي طرح آزادي ڏياري هئي اڄ اهڙي طرح جي آزادي جو هي موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قوم خودمختار ۽ غيرتمند قوم آهي، اها انهن ماڻهن ??ان گڏ ڪڏهن به نه ويندي جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڪاري چون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن پنهنجي عزت اڳ ۾ وڃائي ڇڏي آهي، هاڻي انشاءَ الله تاحيات پابندي ٿيندي ته ا??هن جي سياست به ختم ٿي ويندي.