اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??المي سطح تي سوشل ميڊيا جي هر ڪنهن جي سوچ کي متاثر ڪرڻ جي ڏس ۾ نوجوانن جي فڪري قوت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي ته ??يئن هو جعلي خبرن جي ج??نچ ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن رفاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيا سائنسز جي اهتمام هيٺ ”ڊجيٽل ٽرانسفارميشن: ميڊيا جي سياسي معيشت“ جي موضوع تي هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان موضوع تي بحث کي فروغ ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ ڪميٽيون جوڙڻ تي به زور ڏنو. هڪ آمريڪي ج??يدي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته 14 سالن جا نوجوان جعلي خبرن جو وڌيڪ شڪار ٿيندا آهن ان لاءِ ٻارن جي 14 سالن جي عمر تائين پهچڻ کان پهرين ئي روڪٿام جون ڪوششون ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ??رقي پسند پاڪستان کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي اهڙين ئي ڪوششن جي ضرورت آهي، هن چيو ته قابل اعتراض مواد کي بلاڪ ڪرڻ ڪو حل نٿو ٿي سگهي ان لاءِ حڪومت ۽ تعليمي ادارا ماڻهن کي صحيح ۽ غلط ۾ فرق سمجهڻ جي قابل بڻائين. ڪلائنٽس جي خاطر ميڊيا ڪمپنين ويب جي ذريعي تجزيه جي بنياد تي صارفين کي ڄاڻايل مواد فراهم ڪيو جنهن سان هر ڪنهن کي خاص طور تي نوجوانن تائين ناپسنديده مواد جي پهچ جا خطرا درپيش ٿي ويا، ان ٽڪنيڪ کي سموريون سوشل ميڊيا ڪمپنيون استعمال ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هر قدامت پسند معاشره سوشل ميڊيا جي مواد کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو ته ??يئن معاشري تي ان جي اثرن کي روڪي سگهجي تنهن هوندي اهو مسئلي جو حل نه آهي، هن چيو ته ڪاروباري سببن جي ڪري ميڊيا به معاشري جي اخلاقي تعمير تي ايترو ڌيان نٿي ڏي جيترو ضروري آهي، هن چيو ته قرآن پاڪ پنهنجي پيروڪارن کي خبرن تي يقين ڪرڻ کان پهرين تجزيو ڪرڻ جي تلقين به ڪئي آهي، عراق جي تباهي جو مثال سامهون آهي ج??ي صرف وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي موجودگي جي ج??لي خبرن جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته مسئلو وقت سان گڏ پيچيده ٿيندو پيو وڃي ڇو ته ??نيا کي جنگين کان ڇوٽڪارو نه ملي رهيو آهي، ان جي لاءِ اخلاقي تربيت سان گڏوگڏ معاشري جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي بحث ۽ مباحثي جي ضرورت آهي، هن چيو ته ??يئن جيئن هيپٽڪ ۽ هولو گرافڪ ٽيڪنالاجيز ڏينهون ڏينهن جديد ٿيندي پئي وڃي، ايندڙ 10 کان 15 سالن ۾ شيون انساني ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وينديون، تقريب کي خطاب ڪندي رفاه انٽرنيشنل يونيورسٽي ??ي وائيس چانسلر ۽ رحمت اللعالمين اٿارٽي ??ي چيئرمين ڊاڪٽر انيس احمد چيو ته ??فريح فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ميڊيا ڪردارسازي جو به ذميدار آهي، هن چيو ته ٻار مغربي ميڊيا جي ذريعي فراهم ڪيل سوچ کان متاثر ??ي رهيا آهن جيڪو اسان جي معاشرتي اصولن جي مطابق نه آهي، هن چيو ته ميڊيا تي نشر ٿيندڙ مواد جي منفي اثرن کي نظر ۾ رکندي ميڊيا کي هڪ مثالي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.