اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آسٽريا جي ڪمپنين لاءِ پ??ڪس??ان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جڏهن ته آسٽرين پرڏيهي وزير اليگ??ين??ر شلن برگ چيو ته پ??ڪس??ان آسٽريا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، آسٽريا پ??ڪس??ان سان سياسي ۽ ا??تصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ??ال??ين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽرين هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ??ال??ه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي صورتحال به غور هيٺ آندي وئي، هن چيو ته اسان موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي جو رستو طئي ڪيو آهي، هن چيو ته اڄ اسان جي ??ال??ه ٻولهه واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي مرڪوز رهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽريا جي پرڏيهي وزير سان گڏ دوري تي آيل واپارين جو وفد تعاون ۾ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي غرض سان پنهنجي پ??ڪس??اني هم منصبن ۽ واپار واري صلاحڪار سان ??ال??يون ڪندو. آسٽريا جي پرڏيهي وزير چيو ته هو پنهنجي مڪ جي 20 واپارين سان گڏ آهي ۽ هائيڊرو جن پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عالمي اڳواڻ هجڻ جي ڪري هو پ??ڪس??ان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين جي ڳولا ۾ آهي. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان به آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان 20 ملين آبادي تي ٻڌل وڏي منڊي آهي ۽ هي علائقائي واپار جومرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ??ال??ين جي مثبت نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي ۽ چيو ته اسان پ??ڪس??ان سدائين تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏنو آهي ڇو ته اسان جنگين جي وڏي مالي ۽ جاني قيمت ادا ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي ۽ اسان ??ال??ين ۽ سفاتڪاري سان تڪرار حل ڪرڻ جي ??ال??ه ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جا اثر يورپ کان ٻاهر آهن ۽ پ??ڪس??ان سميت اسرندڙ ملڪ ان جو نتيجو پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي صورت ۾ محسوس ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پ??ڪس??ان جا يوڪرين سان بهترين لاڳاپا آهن، پ??ڪس??ان عالمي قانونن ۽ يو اين چارٽر تي يقين رکي ٿو ۽ سمورن ملڪن جي علائقائي ??ال??يت ۽ خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، پ??ڪس??ان گذريل ڏينهن انساني همدردي جي بنياد تي يوڪرين کي امداد موڪلي آهي. هن چيو ته جنگين سان سدائين اسرندڙ ملڪن جي معيشتن تي منفي اثر پيا آهن. آسٽريا جي پرڏيهي وزير اليگ??ين??ر شلن برگ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ پ??ڪس??ان سان سياسي ۽ ا??تصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته هو 20 ميمبرن تي مشتمل واپارين جي وفد سان گڏ آيو آهي، جيڪي هائيڊرو پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عبور رکن ٿا، اهي پ??ڪس??ان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا، اليگ??ين??ر شلن برگ تازو ئي پشاور ۾ مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پ??ڪس??ان ۽ آسٽريا ٻئي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هن افغانستان کان پنهنجي شهرين جي واپسي ۾ تعاون تي پ??ڪس??ان جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، هن چيو ته پ??ڪس??ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته يوڪرين جنگ سان ٻي جنگ عظيم کانپوءِ وڏي پئماني تي يورپ کي لڏپلاڻ جاري آهي ۽ هن وقت تائين 10 ملين ماڻهن يوڪرين کان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.