سڪرنڊ – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??لاول زرداري ووٽن جي فارمولي سان وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته پنجاب ۾ سندس مقبوليت رڳو 5 سيڪڙو آهي. سڪرنڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ??نڌ ۾ هاڻي پراڻن نعرن جي ڪشش ناهي رهي، پيپلزپارٽي پنهنجي مارچ ۾ رينٽ اي ڪار جو ميڙ کڻي گڏ هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ سرڪار جي بيساکين تي سياست ڪري رهي آهي، نام نهاد مارچ ۾ سنڌ پوليس، ايمبولينس، سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، بلاول کان معصومانا سوال آهي ته ??تي وڃي ٿو شهر ڇو بند ڪرائي ڇڏي ٿو، جيڪڏهن عوامي مارچ آهي ته ??وام کي ڇو پري رکيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ??لاول چوي ٿو ته منهنجي کيسي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آهي، پر گذريل ڏينهن انهن جي عدم اعتماد جي رٿ جي هوا نڪري وئي، چ??ڌري ڀائرن وزيراعظم سان تائيد کي و??جا??و ۽ اسان جا باقي اتحادي به اسان سان گڏ آهن، تحريڪ انصاف جو ايم اين اي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، تحريڪ انصاف ۾ عمران خان کانسواءِ ڪو گروپ نه آهي. مخالف ڌر وٽ نمبر نه آهن، (ن) ليگي چونڊون چاهين ٿا ۽ پيپلزپارٽي وارا چونڊون نه ٿا چاهين. پرڏيهي وزير چيو ته ??وس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، يوڪرين سان ٽن ملڪن جون سرحدي حدون لڳن ٿيون جن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هيستائين هڪ هزار 132 ٻار بار??ر ڪراس ڪري چڪا آهن، ڪل 3 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هئا انهن مان ڪيترائي اڳ ۾ نڪري آيا هئا، جيڪي رهجي ويا انهن جا دستاويز تيار نه هئا ان لاءِ اهي رهجي ويا آهن، انهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان معاملي ۾ غافل نه آهيون.