لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي، جتي اربن ڊولپمينٽ ۽ شهري سهولتن جي پس منظر ۾ ان منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو ويند??، منصوبي جي باري ۾ هائوسنگ سوسائٽي هجڻ جو تصور درست نه آهي، پر اهو شهرن کانسواءِ ڪنهن منصوبي جي تعمير ۾ ٿيڻ وارين غلطين کي صحيح ڪرڻ جو وڏو منصوبو آهي، 2 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ، زمين هيٺ پاڻي جي ڪرندڙ سطح کي بلند ڪرڻ ۽ سيوريج جي فلٽريشن ان منصوبي جون نمايان خصوصيتون آهن، 20 ارب ڊالر جي ان منصوبي ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن رک جهوڪ ۾ پنهنجي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي ڪري لاهور هڪ نئون شهر بڻجڻ وڃي رهيو آهي، اسلام آباد کانپوءِ پلاننگ تحت پهريون ڀيرو لاهور ٻيو وڏو شهر ٿيند??، منصوبي تحت ئي راوي درياءُ جو بچاءُ ممڪن آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪ??مت اها پهرين حڪ??مت آهي جنهن ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جو ذمو کنيو آهي، 20 ارب ڊالر جي منصوبي سان غير ملڪي فنڊنگ ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ايندي، منصوبي سان نه رڳو نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ملڪ ۾ 30 کان 40 نيون صنعتون به لڳنديون، هن وقت تائين ڏيڍ ارب ڊالر جي غير ملڪي سيڙپڪاري ملڪ ۾ اچي چڪي آهي. جيڪا انتهائي خوش آئنده آهي ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ پروجيڪٽ کي صحيح ??ريقي سان پيش ناهي ڪيو ويو، حڪ??مت ان فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي جتي اربن ڊولپمينٽ ۽ شهري سهولتن جي پس منظر ۾ ان منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو ويندو.