اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪيچ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سي??يٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سي??يٽ چيئرمين دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلند د??جن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خ??اج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته شرپسند عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن، ملڪ جي دفاع ۽ امن ۽ امان جي قيام لاءِ ڌرتي جي بهادر سپوٽن جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي جي خ??تمي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سي??يٽ ۾ قائدايوان سي??يٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني به سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلند د??جن جي دعا ڪئي.