ڪراچي – 22 جنوري (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي ??ماجي، اقتصادي ?? صنعتي ترقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ (ٽي وي اي ٽي) شعبي جي مختلف ڌرين سان ملاقات دوران ڪيو. ثمينه عارف علوي چيو ته پيشيواراڻي تربيت جي ??عبي ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کي اسان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڌيان طلب ۽ ٽيڪنالاجي ??ي ٻڌل مهارتن تي ڏيڻ گهرجي. هن تربيتي ادارن ۽ صنعتن جي وچ ۾ رابطن جي ??هميت تي زور ڏيندي چيو ته انڊسٽري ۽ تربيتي ادارن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪندڙ هنر جي ??ربيت جي لاءِ مضبوط رابطو قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??وج??انن کي پنهنجو روزگار ۽ ڪاروبار شروع ڪرائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خاتون اول کي تنظيم جي ڪم ۽ سڄي صوبي ۾ هنرمنداڻي تربيت ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. خاتون اول شرڪت ڪندڙن تي خصوصي ??اڻ??ن جي لاءِ خصوصي تربيتي پروگرام جوڙڻ ۽ انهن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ڌرين تي زور ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارتن جي ??هميت جي ??والي سان عوام ۾ بيداري پيدا ڪن. اجلاس ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشن اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ، اٿارٽي جي ٻين عملدارن، نجي ۽ پيشيواراڻي ادارن جي ??ربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.