اسلام آباد – 20 جنوري (اي پ?? پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آ??اد?? جي ڪر?? في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آبي وسيلن وارو وفاقي وزير مونس الاهي ۽ آبي وسيلن وارو سيڪريٽري ڊ??ڪٽ?? ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي جي انتظام جي لاءِ سيٽلايئٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آ??اد?? جي ڪر?? في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انتظام جي موثر نظام جي ضرورت ??هي. ايئر يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊ??ڪٽ?? ڪاشف ڪفايت ملڪ ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جي ڪر?? ملڪ کي ساليانو 12 ارب ڊالر جي ويجهو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انتظام جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي جو بهتر انتظام ۽ نگراني لاءِ سڀني لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.