اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ اسلام آباد ??وليس جي اي اي?? آءِ نوي?? اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين جي فوت ??يڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نوي?? اقبال، سندس خاندان سميت معصوم ٻارن جي حادثي ۾ فوت ??يڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.