اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسيحي برادري سميت اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، موجوده حالتن جي ڏس ۾ امن ۽ آشتي جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرور?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ ڪرسمس جي حوالي سان ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پاڪستان ??ميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڏينهن حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، هو امن جو پيغمبر هو، مذهبي تعليم ۾ اخوت، درگذر جو وڏو درجو آهي، دنيا ۾ ان پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرور?? آهي. هن چيو ته هنو قت دنيا ۾ جنگيون ۽ قتلام ٿي رهيو آهي، ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ٿي رهيو آهي، سمورا چرچ ان ??لم ۽ جنگ جي نفي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرور?? آهي. صدر چيو ته سيالڪوٽ واقعو شرمندگي جو سبب آهي. هن امن ۽ آشتي بابت اسلامي ۽ مسيحي تعليم جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ان ??عليم تي عمل ڪرڻ جي ضرور?? آهي. ان کان ??ڳ تقريب کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري پاڪستان ??ميت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته الله جا سمورا نبي، پيغيمبر، مذهب امن ۽ محبت جو درس ڏين ٿا، اسان ??و پيغام آهي ته پاڪستان ??ڀني جو آهي، ڀلي مسلمان، مسيحي، هندو يا ڪو به اقليت هجي هي ملڪ سڀني جو آهي، معاشري ۾ سمورين مذهبي ڌرين کي انهن جا حق حاصل آهن ۽ اهي عزت سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ ۾ اقليتن قائداعظم محمد علي جناح سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو، هندوئن سميت ٻين اقليتن موقعو هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري پارلياماني سيڪريٽري شنيلا روٿ چيو ته ڪرسمس جو پيغام امن ۽ ڀائيچارو آهي، حضرت عيسيٰ جي تعليم ۾ امن ۽ سلامتي جو درس ڏنو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪ??مت ملڪ ۾ امن ۽ آشتي، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران ??ان ??ي ويزن موجب قدم کڻي رهي آهي، موجوده حڪ??مت ڪرتارپور لنگهه سميت اقليتن جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.