اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سينئر سفارتڪار کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪرتار پور گوردواره درٻار صاحب ۾ هڪ انفرادي واقعي تي ڀارتي شرانگيز واويلا کي رد ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو وي??. ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو وي?? ته اقليتن لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪر?? زيب نٿو ڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو وي?? ته ان واقعي کي فوري طور تي حل ڪيو وي?? ۽ وضاحت ڪئي وئي. حڪومت پاڪستان اقليتن جي حقن کي سڀني کان وڌيڪ ترجيح ??يندي آهي، پاڪستان ۾ هر ڪميونٽي جي مذهبي ۽ مقدس ماڳن جي تقدس کي يقيني بڻايو وي?? آهي. ڀارتي سفارتڪار کي چيو وي?? ته هو نئين دهلي حڪومت تي زور ڏئي ته هو هندستان ۾ اقليتن سان منظم ظلم ۽ ستم جي انهن واقعن جي تحقيقات ڪري جيڪي رياستي سرپرستي ۾ جاري آهن، اقليتن کي منظم طريقي سان پسماندگي ۽ بربريت جي پيش ن??ر، هندستان وٽ ڪٿي به اقليتن جي لاءِ ڳڻتي جو اظهار ڪر?? لاءِ ڪو به ٺوس موقف نه آهي. اقليتن جي لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪر?? زيب نٿو ڏي، ڀارتي عملدارن کي پنهنجي اقليتن جي تحفظ ۽ عبادتگاهن جي بي حرمتي، نفرت انگيز ڏوهن ۽ تشدد جي روڪٿام لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.